حسن ڪبيرالدين سيد

حسن ڪبيرالدين، سيد: سيد حسن ڪبير الدين، پير صدرالدين (1270ع-1409ع) جو فرزند ۽ پير شمس الدين سبزواريءَ ملتاني (1167ع- 1276ع) جو تڙ پوٽو هو. سندس خاندان جي نسب جو سلسلو حضرت امام جعفر الصادقعه سان ملي ٿو. هي بزرگ اسماعيلي طريقي جو هڪ داعي هو. اسماعلي جماعت وٽ هو پير حسن ڪبير الدين جي نالي سان مشهور آهي.
سيد حسن ڪبير الدين، مخدوم جهانيان- جهان گشت جو همعصر، پر ٻنهي بزرگن جي ڪنهن به ملاقات جو ذڪر تاريخ ۾ نٿو ملي. شاهه عبدالحق محدث دهلويءَ، اخبار الاخيار ۾ سندس باري ۾ لکيو آهي ته سيد حسن ڪبير الدين 180 سالن جي ڄمار ماڻي، سندس وفات 896هه/ 1491ع ۾ ٿي. ان حساب سان سندس ولادت جو سن 712هه/ 1312ع هجڻ کپي. پر اها راءِ صحيح نه آهي. سندس پئدائش جي تاريخ حوالي سان محققن ۾ ڪافي اختلاف آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا جي تحقق موجب سيد حسن ڪبيرالدين جي ولادت 742هه/ 1342ع ۾ ٿي ۽ سندس وفات 853هه/ 1449ع ۾ ٿي هئي. ان حساب سان، سيد حسن ڪبير الدين 104 سال ڄمار ماڻي. هي بزرگ مقامي طور حسن دريا جي نالي سان به مشهور آهي. سندس هن لقب جي مشهوريءَ جو سبب اهو ٻڌايو ويندو آهي ته هڪ ڀيري هندن جو هڪ قافلو، گنگا ندي جي ياترا لاءِ وڃي رهيو هو، اهو قافلو جڏهن اُچ شريف پهتو ته سندن ملاقات سيد حسن ڪبير الدين سان ٿي. پاڻ قافلي جي ماڻهن کي چيائين ته ”اوهين ايترو پري ڇو ٿا وڃو، اوهين جيڪڏهن چاهيو ته آئون اوهان کي هتي ئي گنگا ۽ جنما جو درشن ڪرايان.“ پوءِ هن بزرگ جي ڪرامت سان قافلي جي سڀني ماڻهن پاڻ کي گنگا نديءَ جي ڪناري تي محسوس ڪيو. سيد صاحب جي اها ڪرامت ڏسي سڀني ماڻهن سندس هٿ تي بيعت ڪئي ۽ سڀ سندس مريد ٿي ويا.
سيد حسن ڪبير الدين بابت ’خط پاڪ اوچ‘ ۽ ’تاريخ يا احد‘ جي مولفن لکيو آهي ته هو سهروردي سلسلي سان تعلق رکندڙ هو. ’اخبار الاخيار‘ ۽ ’نذهت الخواطر‘ مان به ان راءِ کي هٿي ملي ٿي، پر حقيقت ۾ هو زندگيءَ جا آخري دم تائين اسماعيلي عقيدي تي پابند رهيو. هن وقت به سنڌ، پنجاب، ڪڇ، ڪاٺياواڙ توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ لڏي ويل اسماعيلي (آغا خاني) عقيدي جا ماڻهو سندس وڏا عقيدتمند آهن. هن وقت هن درگاهه جا سجاده نشين اثنا عشري مسلڪ سان لاڳاپيل آهن. ان جو اهو سبب به آهي ته اسماعيلي عقيدي وارا درگاهه جا پوڄاري نه رهيا.
سيد حسن ڪبير الدين هڪ وڏو شاعر هو. سندس جويل ڪلام کي ’گنان‘ سڏيو ويندو آهي. هن بزرگ جا گنان، سرائيڪي، پنجابي، هندي، گجراتي ۽ پوربي ٻولين ۾ سڄي دنيا جي اسماعلي جماعت وٽ ۽ اسماعيليه طريقه بورڊ کان سواءِ انسٽيٽيوٽ آف اسماعيل اسٽڊيز، لنڊن وٽ محفوظ آهن.اسماعيلي جماعت طرفان روزانو ٻين اسماعيلي پيرن ۽ سيدن جي جوڙيل گنانن سان گڏ سيد حسن ڪبير الدين جا گنان به پڙهيا ويندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو